چوڌري، محمد علي

چوڌري، محمد علي

چوڌري محمد علي

چوڌري، محمد علي: پاڪستان جو ماهرِ معاشيات چوڌري محمد علي، 1905ع جالنڌر، پنجاب ۾ پيدا ٿيو. 1927ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ايم.ايس.سي (ڪيميا) جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ اسلاميا ڪاليج لاهور ۾ ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر ٿيو. 1927ع ۾ انڊين آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس ۾ داخل ٿيو. 1932ع ۾ رياست بهاولپور جو اڪائونٽنٽ جنرل ٿيو. 1936ع ۾ سر جيمز وزير خزانه حڪومتِ هند جو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1938ع ۾ محڪمه ماليات جو انڊر سيڪريٽري ۽ 1939ع ۾ ڊپٽي فنائنشل ايڊوائيزر مقرر ٿيو. هي پهريون هندستاني هو، جنهن کي ’وار ۽ سپلاءِ‘ جو مالي صلاحڪار بڻايو ويو. 1942ع ۾ جنگ دوران حڪومت هن کي وچ مشرق ۾ جنگ جي محاذ تي اماڻيو. 1945ع ڌاري انگلستان ۽ 1946ع ۾ آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪيائين. جون 1947ع ۾ هندستان جي ورهاست جي ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو. آگسٽ 1947ع کان آڪٽوبر 1951ع تائين پاڪستان جو پهريون سيڪريٽري جنرل رهيو. آڪٽوبر 1951ع کان آگسٽ 1955ع خزاني جو وزير رهيو. 1952ع، 1953ع ۽ 1954ع ۾ دولت مشترڪه جي ماليات وارن وزيرن جي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. 1952ع، 1953، ۽ 1954ع ۾ بين الاقوامي بئنڪ براءِ تعمير ۽ ترقيءَ جي سالياني اجلاسن ۾ به شرڪت ڪيائين. چوڌري محمد علي آگسٽ 1955ع ۾ پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ٿيو. سيپٽمبر 1956ع ۾ استعيفا ڏنائين. هن جي دور جو نمايان واقعو 1956ع جي آئين جي منظوري آهي.


لفظ چوڌري محمد عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو